اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏ??ل قومن جي قر??رد??دن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زو?? ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ??يا??ي ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور س??ينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر س??ل ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قر??رد??دن تي عملدرآمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ??يا??جي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.