اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ??اڪ??ر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس (سي يو جي) جي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. جاري پڌرائي موجب وفد ??اڪ??ر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اخبارن ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وفد پي آءِ او ??اڪ??ر طارق محمود خان کي ٻڌايو ته پبلشرن ۾ ڪيترائي نان پروفيشنل ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جنهن ??ي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊمي اخبارون به هڪ مسئلو آهي جڏهن ته ننڍين اخبارن ??ي ڪارڪردگي تي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر ??اڪ??ر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ڊمي اخبارن جي خلاف منظم طريقيڪار اختيا?? ڪرڻ سميت اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ تي وڌيڪ ڪم ڪيو و??ند??. هن چيو ته صحافين جا مسئل?? ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. وفد ۾ غلام فريد انجم، ذڪي ڊوگر، رائو احسان، سردار فياض انجم، محمد مقصود، حاجي دائود ۽ نعيم روحاني ۽ ٻيا شامل هئا.