اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته م??سم??اتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي م??سم??اتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان م??سم??اتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ?? ۾ ??امل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، م??سم??اتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي م??سم??اتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان م??سم??اتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ?? ۾ ??امل آهي. هن چيو ته گذريل سال م??سم??اتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.