اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي ت??بيت واري وفاقي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چين ۾ گذريل 70 سالن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي اها مثالي آهي، چين ۽ پاڪستان جو ثقافتي رشتو 25 سؤ پُراڻو آهي، موهن جو دڙو، ٽيڪسلا ۽ گنڌارا تهذيب جي باقيات دنيا جي ٻن قديم ترين تهذيبن وچ ۾ ٻڌمت جي مٽاسٽا جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط رشتو آهي جنهن جو مثال سي پيڪ مان ملي ٿو. هن اها ڳالهه ليو جيان منگ جي ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري، سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور جي ڊپٽي پوليٽيڪل ڪمسير جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي. مدد علي سنڌي چيو ته تعليم جي معيار ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي ت??دا?? ۾ ??هٽتائي ڪرڻ کي ت??جيح ڏني آهي. چين ۾ گذريل 70 سالن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي اها مثالي آهي. نگران وزير چين ۾ فني ۽ تعليمي اپ گريڊيشن کي ساراهيندي چيو ته اسان چين طرف ڏسون ٿا ته ان جي ڪاميابي جي رستن مان سکون، پاڪستان ۽ـ چين وچ ۾ مضبوط رشتو آهي جنهن جو مثال سي پيڪ مان ملي ٿو. هن تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته تحقيق جي دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ چين ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون هئڻ گهرجي. هن چيو ته موهن جو دڙو، ٽيڪسلا ۽ گنڌارا تهذيب جي باقيات دنيا جي ٻن قديم ترين تهذيبن وچ ۾ ٻڌمت جي مٽاسٽا جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وفد کي ت??ريخي هنڌن جو دؤرو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. مدد علي سنڌي چيو ته تعاون جي منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون. هن چيو ته چين ۾ 30 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، وڌيڪ تعاون جي گنجائش باقي آهي. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان ٻه طرفي مٽاسٽا کي تيز ڪريون ۽ هڪٻئي جي ت??ربن مان ڀرپور فائدو کڻون. مدد علي سنڌي ايڇ اِي سي ۽ نيو ٽيڪ جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اهي سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور ايس پي سي سي سان مڪمل تعاون ڪريون. هن چيو ته اڄ ۽ مستقبل جي مسئلن جي حل لاءِ جديد ۽ فني ت??ليم اڻٽر آهي. اسان وٽ وسيع زرعي صلاحيت آهي ۽ چيني ت??اون سان اسان پنهنجي ملڪ ۾ موجود قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهون ٿا. ان موقعي تي سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور جي ڊپٽي پوليٽيڪل ڪميسر، ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري ليوجيان منگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ان جي دؤري جو مقصد پاڪستاني زراعت ۽ فني ت??ليم جي جديد ڪاريءَ ۾ تعاون کي وڌائڻ آهي. ان جي تنظيم تحت ٻه يونيورسٽيون ۽ 10 ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ آهن ۽ اهي ت??اون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ان ادارن ۾ زراعت، طبي ۽ ويٽنري جي شعبن ۾ اڳ ئي 1800 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن خاص ڪري استادن جي ت??بيت جي ح??ال?? سان مهارت جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي يونيورسٽي سطح تي فيڪلٽي ت??بيت لاءِ مٽاسٽا جا پروگرام شروع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.