واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آه?? ته پاڪستان جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ٻنهي لحاظن کان هڪ اهم ترين ملڪ آه?? ۽ هو پاڻ کي رابطن جو مرڪز ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان اڳتي لاءِ گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ چاهي ٿو، تنهن هوندي پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس تي يقين نٿو رکي، سمورن دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ڊگهي مدي وارن ٻه طرفن لاڳاپن ذريعي آمريڪا سان مضبوط رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آه??. ان ڳالهه جو اظهار هن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيل پريس رليز موجب واشنگٽن ۾ مشهور آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا جي ميمبرن سان هڪ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن ملاقات ۾ علائقائي سلامتي ۽ عالمي دهشتگ??دي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ پاڪستان جو موقف به اجاگر ڪ??و. ان موقعي تي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي تسليم ٿيل تڪرار قرار ڏيندي ان کي ڪشميري ??وام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته ڪو به هڪ طرفو قدم ڪشميري ??وام جي خواهشن خلاف ان تڪرار جي نويت کي تبديل نٿو ڪري ??گهي. آرمي چيف غزه ۾ انساني همد??دي جي بنياد تي فوري ??نگ بندي تي به زور ڀريو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل ضروري آه??. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي پارٽنرشپ ذريعي آمريڪا سان ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آه??. هن ٻڌايو ته آمريڪا جي دوري ??وران سندس ڳالهيون مثبت رهيون، پاڪ فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي دهشتگ??دي خلاف هڪ محافظ طور بيٺل رهيو، علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو. پاڪستان دهشتگ??دي خلاف پنهنجي پائيدار جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آه?? ۽ پاڪستان دهشتگ??دي خلاف ان جي منطقي انجام تائين وڙهندو رهندو.