اسلام آب??د – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چ??نڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، ??ون??ون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون، بلوچ مظاهرين جا مطالبا پراڻا آهن، نگران حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته اها ان معاملي کي حل ڪري. ”ڊان نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چ??و ته بلوچ مظاهرين ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن کي فوري طوري تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڪجهه مظاهرين کي طبي سهولت پڻ ڏني وئي. هن چ??و ته مظاهرين ۾ اڪثر اهي ما??هو شامل هئا جن جو اسلام آب??د ۾ پنهنجو ڪو گهر نه هو، اسان انهن کي محفوظ طريقي سان ڪوئيٽا واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پر مظاهرين واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن ۾ ڪجهه ما??هو پنهنجي رشتيدارن سان گڏ هليا ويا. هن چ??و ته اسان جو مقصد مظاهرين کي محفوظ طريقي سان انهن جي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ هو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گرفتار مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ما??هو گرفتار آهن انهن جي جاچ جاري آهي، ان حوالي سان به جلد سٺي خبر ايندي. هن چ??و ته اسان مظاهرين کي انهن جي پراڻن مطالبن تي غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، نگران حڪومت جو مدو محدود آهي، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته ان معاملي کي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي حوالي سان اميدوارن جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، اميدوارن جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته جن شين جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي، ان جو تدارڪ ٿئي. هن چ??و ته ام امان صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومت قانون تحت ڪارروائي ڪندي آهي. اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته مختلف سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چ??نڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، ??ون??ون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون.