اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀارت غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم ڪ??ميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جو ب??يا?? ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگهي نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ويجهي مائٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪ??ڻ جي لاءِ ڀارت جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪارروايون جمهوري اص??لن ۽ عالمي انساني حقن سميت انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. بيان موجب ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏني ويندڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهر??ي، ڪشميري عوام جي ب??يا??ي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪ??ڻ گهر??ي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.