اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت ڪندي ان کي ??ار?? ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي مسجد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ??ار??ي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذمت ڪري ٿو. اهو هندستاني مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان چيو ته ??ار?? ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ??ار?? ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن کي ??ار?? ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ??ار?? ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.