اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??ر??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي وز??رن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وفاقي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي دورن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وز??ر??عظ?? هدايت ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وز??ر??عظ?? وفاقي وز??رن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سرڪاري يا نجي دورن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وز??ر??عظ?? پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽريز کي چيو ويو آهي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني ب??ائين.