ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي ۾ عام چونڊن 2024ع لاءِ پولنگ پرامن انداز ۾ جاري رهي، جتي 90 لک کان وڌيڪ ووٽرز 22 قومي ۽ 47 صوبائي تڪن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نمائندن جي چونڊ ڪندا. پولنگ ??ليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. چونڊن جي پولنگ لاءِ سياسي پارٽين طرفان ووٽرن کي سندن ووٽ بابت آگاهي فراهم ڪر?? لاءِ لڳايل ڪيمپن تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ووٽرز جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1995 اميدوار ميدان ۾ آهن، ڪراچي جي پولنگ ??سٽيشنن جي قيام لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، انهن عمارتن ۾ مجموعي طور تي 5342 پولنگ ??سٽيشن ٺاهيون ويون، 3038پولنگ ??سٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪرچي ۾ صرف 128 پولنگ ??سٽيشنون نارمل آهن.