اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ تي سريلنڪا جي ص??ر رانيل وڪرمي سنگهي طرفان مبارڪباد واري پيغام تي ان جو ٿورو مڃيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ??نهنجي پيغام ۾ وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو ته نيڪ تنمائن جي اظهار تي سريلنڪا جي ص??ر جو ٿورو مڃان ٿو. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ايند?? ڏينهن ۾ لاڳاپا تسلسل سان مضبوط کان مضبوط ٿيندا.