اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسر??ئي?? جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچ??ئي??دڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قتل عام تهذيب ۽ عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي ۽ اسر??ئي?? پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ف??ري جنگبندي، غيرانساني گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن ت??ئي?? انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسر??ئي?? کي انسانيت جي خلاف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ انصاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خلاف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.