شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي چين جي سر??ار?? دوري جي پهرين مرحلي جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي اعليٰ چ??ني عملدارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهل??ار?? شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چين پاڪستان تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي ??اڪ چائنا ??زنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چ??ني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چ??ني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وفد ۾ ناليوارين پاڪستاني ??ار??باري شخصيتن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نج??ار?? وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.