شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چيني صدر شي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچ??ل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس ??ي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ??يدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخي ورثي جي ??حف?? ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.