اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ??طر??ا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان ??ي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ??طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ??طر??ن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قزاخستان ??ي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ?? قدمن کان آگاهه ڪيو.