اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊ??ڪل جي شاگردن کي پاڪستان ۾ ميڊ??ڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي ه??ايت تي پاڪستان ميڊ??ڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊ??ڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ت??جم??ن چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪر?? سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪر?? سگهجي.