اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وز??را??ظم بنون ڇانوڻي ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ??ي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??را??ظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ??ي جوانن نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظل حسين، حوالدر شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي لانس نائيڪ سبز علي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن سان ت??زي?? جو اظهار پڻ ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اسان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.