اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار ??ا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان مح??د ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار ??ا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستان جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار ??اڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.