اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي ??ئي. وز??راعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگ??مي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مق??مي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.