اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ ف??ڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا، پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ ف??ڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان سان تعلق رکندڙ برطانيا جي ??ال??واري يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۾ آڪسفورڊ يونين جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اسرار خان ڪاڪڙ کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو ??ال?? روشن ڪرائڻ تي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسرار ڪاڪڙ جهڙا باصلاحيت نوجوان پ??ڪستان جي پائيدار ۽ روشن مستقبل جا ضامن آهن. توهان جو آڪسفورڊ يونين جي صدر جي چونڊ وڙهڻ ۽ سرخرو ٿيڻ توهان جي ثابت قدمي ۽ پختي عزم جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته آئون پ??اميد آهيان ته اسرار ڪاڪڙ ۽ ان جهڙا باصلاحيت پاڪستاني نوجوان اهڙي طرح عالمي سطح تي ملڪ جو ??ال?? روشن ڪندا رهندا. بلوچستان جي پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي ??ڻٿ?? محنت سان پنهنجي سمورن تعليمي مرحلن ۾ وظيفا حاصل ڪرڻ ۽ آخرڪار آڪسفورڊ يونين جهڙي اعليٰ تنظيم جو صدر چونڊجڻ فخر جوڳو آهي. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ ف??ڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي، ان سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ ف??ڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. ملاقات ۾ اسرار خان ڪاڪڙ وزيراعظم کي آڪسفورڊ يونين ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسرار خان ڪاڪڙ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مون سميت پاڪستان جا سڀ نوجوان پ??ڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي خدمت جي لاءِ تيار آهن.