اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ چيو آهي ته ايم پاڪس ک??ن بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني ب??ايو پيو وڃي، سمورن هوائي اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ نان هيلٿ ورڪرز کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي جائزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ?? بارڊر هيلٿ سروسز پاران سمورن هوائي اڏن ۽ انٽري پوائنٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس وائرس ک??ن بچڻ لاءِ جاري قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار برٿ چيو ته ايم پاڪس ک??ن بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني ب??ائي رهيا آهيون. هوائي اڏن تي اسڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني ب??ايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي صورتحال جي نگراني جاري آهي.