پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪ??ڊي چيو آهي ته صوبي جو امن اسان جي ترجيحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿورائتو آهيان اتي وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿورو مڃيان ٿو. هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن چيو ته اسان جا سياسي اختلاف موجود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي آڏو آهي، جتي عالمي برادري ڳالهين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ضلعي جي حوالي سان هن چيو ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي ۽ اسان کي سڀني کي ڳالهين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ??ڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪ?? ٿا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه وفاقي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آهي ۽ گ??رو وزير به ۽ سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ??ڍڻو آهي، هن چيو ته امن جي صورتحال خراب آهي، صوبي ??ا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آهن اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.