اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بيلاروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو سان خوشگوار ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو باقاعده ميمبر بڻجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شنگهائي اسپرٽ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪر?? جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. م??اقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، زرعي تعاون ۽ مواصلات جه??ن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.