اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير ??ان چيو آهي ته پاڪستان جي شنگهائي تعاون ت??ظي?? ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آهي، ايس سي او ذريعي پاڪستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي قدمن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. ت??ظي?? جو ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي پاليسين کي اجاگر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي به ب??تر طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو. دستگير ??ان چيو ته شنگهائي تعاون ت??ظي?? (ايس سي او) پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها ت??ظي?? عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائ??، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي عالمي ساک کي ب??تر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.