رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصنوعي ذهانت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ جدت جي ذريعي علم تي ٻڌل معيشت جي اهميت کي اجاگر ڪندي موجوده دور جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن ۽ حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، انساني ترقي جو مستقبل اڪيلائپ ۾ نه آهي، ان ڪاميابي ج?? نتيجا گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون ۾ لڪل آهن، عالمي سطح تي انساني ترقي ۽ تبديلي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين غزه ۾ امن بحال نه ٿو ٿئي ۽ رتوڇاڻ بند نه ٿي ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن واري فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان توهان کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا ته جيئن توهان پنهنجي مهارت ۽ تخليقي صلاحيتن کي پاڪستان ۾ آڻيو ڇو ته اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير ڪريون ٿا جنهن جون پاڙون لچڪ ۽ گڏيل خوشحالي تي ٻڌل هجن. هن چيو ته کيس اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪستان به تبديلي جي سفر تي گامزن آهي جيڪو لچڪ، قرباني، استحڪام ۽ ترقي جي اڻٿڪ ڳولا جو سفر آهي. وزيراعظم مستقبل جي حڪ??ت عملي جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ٽن اهم شعبن مصنوعي ذهانت، تعليم ۽ صحت ۾ جدت ذريعي علم تي ٻڌل معيشت جو بنياد رکي رهيو آهي جنهن ۾ هو ڪارائتي حصيداري قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، مصنوعي ذهانت هڪ رجحان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، اها معيشتن، معاشرن ۽ صنعتن ۾ انقلاب آڻيندڙ قوت آهي. هن چيو ته هن نازڪ موڙ تي پاڪستان نه رڳو مصنوعي ذهانت کي اختيار ڪري رهيو آهي پر اسان ان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ان جو مقصد واضح آهي ته نوجوان ذهنن کي مصنوعي ذهانت جي حدن جي نئين سر جوڙجڪ جي ترغيب ڏي، هنرمند انجنيئرن ۽ ڊيٽا سائنسدانن کي پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت جي ترقي ۽ صنعتن ۾ مصنوعي ذهانت جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجي افرادي قوت کي ليس ڪرڻ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي طور تي تربيت ڏين. هن چيو ته سعودي عرب ۽ هم خيال عالمي حصيدارن سان گڏجي پاڪستان مصنوعي ذهانت کي تعصب کان پاڪ ڀلائي جي قوت جي طور تي ڏسي ٿو، هلندڙ سال مارچ ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي سندس ??ڪو??ت جي ڌيان جو مرڪز رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي عوام جي عزم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جهڙن پنهنجي حصيدارن جي حمايت سان انهن معاشي استحڪام کي بحال ڪيو آهي ۽ هاڻي پائيدار ترقي جي دور ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو سفر رڳو اسان جو نه پر سڄي دنيا جي اسان جي دوستن جي لاءِ هڪ موقعو آهي ڇو ته اسان سڀ گڏجي مضبوط آهيون، اسان گڏجي هڪ اهڙي مستقبل جي جوڙجڪ ڪري سگهون ٿا جيڪو جدت، خوشحالي ۽ ڪاميابي سان متعين هجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هڪ اهڙي قيمتي شيءَ سان نوازيو ويو آهي جيڪي نوجوان آهن ۽ جيڪي اسان جو مستقبل آهن، باصلاحيت، لچڪدار ۽ اڻٿڪ جذبي سان ليس اهي هاڻي اڀرندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران ويزن 2030ع جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل مشن رکي ٿو ۽ مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ پنهنجي نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿو، اها اسان جي مستقل ڪوشش آهي ته اسان جي نوجوانن کي معيا??ي تعليم، ڊيجيٽل شموليت ۽ تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ وڌڻ ويجهڻ جي لاءِ گهربل ضروري اوزارن جي ذريعي بااختيار بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته زراعت، آبهوا جي لچڪ ۽ غلط معلومات جي خلاف جنگ ۾ هو مصنوعي ذهانت جي صلاحيت کي نه رڳو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پر ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، مصنوعي ذهانت ۽ ان کان اڳتي اسان جي امنگن جون پاڙون هڪ مضبوط تعليمي بنياد ۾ گهيريل آهن، تعليمي سڌارن، پيشيواراڻي تربيت ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي ذريعي اسان جو مقصد هڪ هنرمند، ٽيڪنالاجي کان واقف نسل تيار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دانش اسڪولز ۽ ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جهڙن منصوبن انهن ماڻهن جي لاءِ معيا??ي تعليم کي پهچ جوڳو بڻايو جيڪي ڪڏهن ان کي حاصل نه ٿيڻ جهڙي خواب طور ڏسندا هئا. هن چيو ته اهي گريجوئيٽ رڳو شاگرد نه آهن، اهي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ جديد طرز تي سڀاڻي ج?? معمار آهن، اهي اڳتي اڳتي آهن، ترقي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ پنهنجي برادرين کي مٿي اٿاري رهيا آهن جيڪو پهچ جوڳي تعليم جي تبديلي جي طاقت جو ثبوت آهي، انهن جي ڪاميابي جون ڪهاڻيون منهنجي ان يقين کي سگهه ڏين ٿيون ته تعليم ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ هڪ جهڙي برابري ۽ گيم چينجر آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت انساني ترقي جو بنياد آهي ۽ پاڪستان جي هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 275000 کان وڌيڪ رجسٽرڊ ڊاڪٽرز موجود آهن، اهي نوجوان هيلٿ ٽيڪ جي لاءِ نئون حل پيش ڪري رهيا آهن،صحت جي سارسنڀال جي معيار ۾ اڳڀرائي سان گڏ هن هڪ اهڙي مستقبل جو تصور ڪيو آهي ج??ي انهن ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن صحتمند سڀاڻي جي لاءِ سرحدن جي ٻنهي پاسي تعاون ڪيو. جينوم سيڪوئنسنگ ۽ دوائن جهڙن شعبن ۾ وسيلا جمع ڪرڻ جي اثرن جو تصور ڪن، اهڙي طرح جي تعاون سان اسان صحت جي سارسنڀال جي پوري نظام کي نئين سر جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج، نسٽ ۽ آغا خان يونيورسٽي جهڙن ادارن ۾ تشخيص، علاج ۽ بيمارين جي روڪٿام جي شعبن ۾ ڪاميابين جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آءِ) ۾ جيڪو خصوصي نگهداشت ۽ تحقيق ۾ هڪ بهترين مرڪز آهي اهو ماڻهن کي ج??يد ترين طبي خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي جنهن هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ لچڪدار معاشري جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن زور ڏئي چيو ته جڏهن اسان انهن لامحدود افق طرف ڏسون ٿا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪريون ٿا ته هڪ حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي، انساني ترقي جو مستقبل اڪيلائپ ۾ نه آهي، اهو فتح جي نتيجن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ تعاون ۾ لڪل آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جيئن پاڪستان ۽ سعودي عرب پنهنجي گڏيل ورثي سان جدت جي سرحدن تائين امڪانن جي نئين شعبن طرف وڌي رهيا آهن اها حصيداري سڀني جي لاءِ مشعل راهه بڻجي سگهي ٿي، ان کي اسان جي وراثت بڻجڻ ڏيو، هڪ اهڙي ويزن جي لاءِ عزم جو سرحدن کي پار ڪري ٿو، لامحدود صلاحيتن کي گلي لڳائي ٿو ۽ ايندڙ نسلن کي ترغيب ڏي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته عالمي سطح تي انساني ترقي ۽ تبديلي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين غزه ۾ امن بحال نه ٿو ٿئي ۽ رتوڇاڻ بند نه ٿي ٿئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. جن عالمي اڳواڻن، ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي اهم ميڙ جي انعقاد ۾ غيرمعمولي بصيرت ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو رياض ۾ آيو ته هو هڪ اهڙي شهر کان متاثر ٿيو جيڪو صحرائي نخلستان کان هڪ عالمي شهر جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو، هو هڪ اهڙي ويزن کان متاثر ٿيو جيڪو سرحدن کان ٻاهر گونجي رهيو هو، لامحدود امڪانن جو هڪ ويزن جتي هن اڄ جي چونڊ ڪئي آهي، ان مستقبل جي راهه هموار ڪري ٿو جنهن جو هن خواب ڏٺو هو. عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان هن سال جي ايف آءِ آءِ جو موضوع ”لامحدود افق: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ سيڙپڪاري“ آهي ۽ ان ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جي مقصد سان عالمي سيڙپڪا??ي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. شرڪت ڪندڙ ملڪ پنهنجي پنهنجي معيشتن جي طاقت کي اجاگر ڪندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندا.