اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جمهوريه ترڪيه جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ??يڪ تمنائون آهن. پاڪستان ۽ ا?? جي عوام جمهوريه ترڪيه جي عوام جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ عملي طور تي پائيدار ترقي ڪئي آهي. ترڪيه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ٻين ملڪن لا??ِ رول ماڊل آهي. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه جي تيز رفتار ترقيءَ جو ڪريڊٽ صدر رجب طيب اردوان ۽ ا?? جي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. گهرو وزير چيو ته ترڪيه جي تازي دؤري دوران ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ??ائديمند ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان کي جمهوريه ترڪيه سان مضبوط دوستيءَ تي فخر آهي.