اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خر??ب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ک??نپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي س??لن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي س??ا د??پي?? آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي معي??ري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو.