اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن ج?? خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ صدر آپريشن ۾ هاءِ ويليو ٽ??رگيٽ سميت چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن امان خراب ڪرڻ جي هرگز اجا??ت نه ڏينداسين، پوري قوم بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهي ٿي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.