باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪا??فر??س آف پار??يز جي 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو سيشن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين صف ۾ موجود هو. فوٽو سيشن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذ??بائيجان جي صدر الهام عليوف، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان فوٽو سيشن جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو ۽ هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳ??لهه ٻولهه پڻ ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذ??بائيجان جي صدر الهام عليوف سندس شاندار استقبال ڪيو.