اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماريشيس جي عام چونڊن ۾ ڊاڪٽر نوين رام غلام کي ڪاميابي ۽ بعد ۾ وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته سندس هر ڪاميابي ماريشيس جي روشن مستقبل جي نويد هوندي. وزيرا??ظم چيو ته هو پاڪستان ۽ ماريشيس جي دوستاڻي ۽ پرجوش لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل وزيرا??ظم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.