اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خا??مي جي لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي نه وساريندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ ت?? قوم پاران سلام آهي، ملڪ جي دفاع دوران وڏي قرباني پيش ڪرڻ ت?? پوري قوم شهيدن جي ٿورائتي آهي. صد?? ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ت?? سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.