اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ??هچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ??يو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان ??وقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي ??اڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??چ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ??اءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي ??رڏيهي وزير جي ??يادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.