اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۽ ضلعي لڪي مروت ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب آپريشنز تي ??يڪيورٽي فورسز کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ گهربل دهشتگرد سميت 8 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي ??يڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سدائين شيهي جي ديوار وانگر دشمن آڏو بيٺل رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ هر مان قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.