اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا ??ي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا ??و ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻي ايندو، نومبر 2024ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مٽاسٽا ??ي ناڻي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪر?? ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال نومبر ۾ 2.9 ارب ڊالر جو مٽاسٽا ??و ناڻو موڪلڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين جا ٿورائتا آهيون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا ??و ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻي ايندو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت جي معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، مهانگائي جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي ۽ معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم ڏانهن وڃ?? ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني اسان جو فخر ۽ پاڪستان جا سفير آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين جا مسئلا حل ڪ??ڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سان پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.