اسلام آب??د – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشن?? محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري ??هيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽ?? محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.