رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب منشيات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب پاڪستان کي منشيات جو سرا?? لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي دؤري دوران وفاقي و??ير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو و??ير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي و??ير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو و??ير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي کي ??اڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو و??ير جو چوڻ هو ته منشيات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آهي. پاڪستان سعودي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي ??شي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سعودي اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي اداري اي اين ايف سان رابطي ۾ آهي. اين ايف سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 منشيات جا ملزم پڪڙيا ويا.