اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار سميت عوام کي رليف ڏيڻ ?? ملڪي مسئلن جي جٽادار حل لاءِ قدمن تي ڳالهي??ن ڪيون ويون. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڏکين حالتن مان ٻاهر ??ڪري رهيو آهي، معاشي اهڃاڻ بهتري طرف گامزن آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي روشن م??تق??ل جو ڏس ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته مايوسي گناهه آهي ۽ مايوس عنصرن جي ايجندا ڪجهه ٻي آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.