اسلام آباد- 25 ڊسمبر (??ي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انساني حق?? جون پنهنجون سموريون عالمي ذم??وا??يون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام عالمي انساني حق?? جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ۽ سياسي حق?? جي عالمي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به موجود آهي جنهن ۾ انساني حق?? ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حق?? ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي عالمي انساني حق?? جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان بنا ڪنهن فر?? ۽ ??ٽي معيار جي عالمي انساني حق?? جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي عالمي ڀائ??وا??ن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.