راهوالي/گجرانوالا- 28 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معيشت ۽ سياسي استحڪام لاءِ اڳتي ??ڌي رهيا آهيون، 9 مئي جي واقعن کي وساري نٿو سگهجي، 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو تڪڙ ۾ ناهي ٿيو، 9 مئي سانحي جو منصوبو ٺاهيندڙ ۽ ماسٽر مائينڊ خلاف به ڪيس اڳتي ??ڌڻ گهرجي، رياستي ??عاملن ۽ عالمي سطح تي ??اڳاپن ۾ سياست کي نه آڻڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سياسي استحڪام لاءِ نيڪ نيتي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڳالهين جو ايندڙ دور 3 جنوري تي ??يڻ?? آهي جنهن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي استحڪام حاصل ڪرڻ آهي، معيشت ترقي ڪري رهي آهي، اسان ڊيفالٽ کان هٽي ڪري ترقي طرف وڌي رهيا آهيون. اسان جو بدترين مخالف پي ٽي آءِ باني چيئرمين به چئي ڇڏيو آهي ته معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مجموعي معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو آهي. هن چيو ته هر شعور رکندڙ انسان کي نظر اچي رهيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڳالهين جو مقصد سياسي استحڪام آهي، تحريڪ انصاف 26 هين آئيني ترميم ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مولانا فضل الرحمان سان انهن جون ڳالهيون به ٿيون ۽ هو ان معاملي کي اڳتي ??ٺي هلي، سندن چ??ڻ تي ڪيتريون ئي شقون ڪڍيون به ويون پر ائين نٿو ٿي سگهي ته ان جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري سگهجي يا ان تي ??اهه ڪيو وڃي. هن چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث 85 ماڻهن کي سزائون مليون، انهن خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته ملڪ دشمني تي ڪو معافي گهري ۽ ان کي وساريو وڃي ته پوءِ ڇا پاڪستان جي سمورين جيلن جا دروازا کوليا وڃن؟ هن چيو ته گذريل ڏينهن ڊي جي، آءِ ايس پي آر تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ بهترين طريقي سان سمورن معاملن تي روشني وڌي. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تي جن ماڻهن ??فا??ي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو، انهن جا ٽرائيل به ملٽري ڪورٽس ۾ ٿيا، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائيل ۾ وڪيل جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائيل غير موجودگي ۾ نٿو ٿي سگهي، ان لاءِ پاڻ هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته ٽرائيل ۾ اپيل جا ٻه حق به ڏنا ويا، هڪ حق ملٽري اٿارٽيز ۾ اپيل ۽ ٻيو حق هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو ڏنو ويو. جن ماڻهن عسڪري ملڪيتن تي حملو نه ڪيو ۽ اهي ٻين واقعن ۾ ملوث هئا ته انهن جا ڪيس به اي ٽي سي ۾ هلي رهيا آهن، هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ريل ۾ سفر ڪري رهيو هجي ۽ ان کان ڏوهه ٿي وڃي ته ريلوي پوليس ??ي ان جو نوٽيس وٺندي، جيڪڏهن ڪنهن کان منشيات هٿ اچي ته ان تي ڪارروا??ي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪندي، اهڙي طرح ڪرپشن تي اينٽي ڪرپشن ۽ ميگاڪرپشن تي ??يب ڪورٽ ۾ ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر طرح جون عدالتون موجود آهن، جيڪڏهن ??فا??ي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ته ان جو ٽرائيل به ملٽري ڪورٽ ۾ ئي ٿيندو. وفاقي وزير چيوته سمورا ڪيس آئين ۽ قانون موجب هلي رهيا آهن، ڪارروا??ي اڳتي ??ڌي رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو تڪڙ ۾ ناهي ٿيو، ان ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳو، فرد جرم لاڳو ٿيو، ان کانپوءِ ٽرائيل مڪمل ٿيو، اهي سموريون شيون ڏٺيون ويون آهن ۽ ان موجب ڪيسز اڳتي ??ڌي رهيا آهن، 9 مئي جا سمورا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهچندا. وفاقي وزير چيو ته رياستي ??عاملن ۽ عالمي لاڳاپن ۾ سياست کي نه آڻڻ گهرجي، سفارتي ??درن موجب رياست وچ ۾ معاملا آفيشل ليول تي ??وندا آهن، انهي موجب معاملا اڳتي ??ڌندا آهن.