اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڻي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڊيمن جي تعمير سان زرعي ضرورتن جي لاءِ پاڻي جي دستيابي سان گڏوگڏ سستي بج??ي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ديامير ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مل?? ۾ زرعي ۽ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڻي جي قومي تحفظ جي پاليسي ۽ ڊيمن جي تعمير بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.