اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وف??قي ڪابينا قومي احتساب بيورو ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (FBI) جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ، سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيب??ري مقرر ڪرڻ، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وف??قي ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪرڻ ۽ جاويد غني کي فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.