اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته احمد فراز انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪيو، هو هڪ اصول پسند شا??ر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي آف ادبيات پ??ڪس??ان ۽ احمد فراز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شا??ر احمد فر??ز جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ”احمد فراز قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهمان جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته احمد فراز هڪ بااصول انسان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شا??ري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو محبت ۽ انسانيت جو شا??ر هو، هو پ??ڪس??ان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.