اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين ه??ئوس گئسن جي ا??را?? بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين ه??ئوس گئسن جي ا??را?? ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن ق??مي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين ه??ئوس گئسن جي ا??را?? کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين ه??ئوس گئسن جي ا??را?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين ه??ئوس گئسن جي ا??را?? ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.