اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد ??مر?? خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پ??ر هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، م??صوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن ??ي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.