اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وا??ا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪن??ي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وا??ين ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، ??فر??دي ۽ مالي مدد جاري رکڻ وا??ي ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وا??رس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وا??و نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.