اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته اڄ جمعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي ڀرپور حمايت سان کٽيندي، پي ڊي ايم جهڙي طرح پهرئين مرحلي ۾ ناڪامين ۽ مايوسين جي ور چڙهي انهي طرح ٻيهر ٻڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ به ناڪام رهندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ قانون جي دائري ۾ هوندو ته انهن کي نه روڪينداسين، 22 ڪروڙ عوام ثابت ڪري ڇڏي?? آهي ته هو ڪرپشن کي تحفظ نه پر ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ رستن تي ايندي آهي، مريم نواز جي بيان مان ثابت ٿي چڪ?? آهي ته هو اڄ جمعي تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن هارائي چڪا آهن، وزيراعظم ع??ران خان ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پارٽي کي ٻيهر فعال ۽ منظم ڪرڻ جون ??دايتون ڏنيون آهن، حڪومت جي ڪارڪردگي کي بهتر انداز اسان اجاگر ڪيو ويندو. هو وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف ??عا??لن ۽ تجويزن تي غور ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارٽي جي عهديدارن کي هدايتون ڏنيون ته پارٽي کي هيٺين سطح تائين فعال ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن کان روزاني جي بنياد تي ملاقاتون ڪيون ??ڃن. ان حوالي سان پارٽي جي عهديدارن کي مختلف ذميداريون سونپيون ??يون آهن. هن چيو ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو وي?? آهي ته حڪومت ۽ صوبا ڊولپمينٽ ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي، اداره جاتي سڌارن، وزارتن جي ڪارڪردگي کان قوم کي آگاهه ڪن ان حوالي سان باقاعده حڪمت عملي جي ذريعي اڳتي وڌن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان اڄوڪي اليڪشن جي لاءِ بلڪل تيار، اتحادي پارٽين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽينداسين.