اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪورونا جي موجوده صورتحال ک?? پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 هزار ڪورونا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري ويندي. صدر چيو ته حض??ر ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، س??ني تي لازمي آهي ته حض??ر ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، ع??د جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.