اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توهان جي اصليت ڄا??ي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو پيو وڃي، انهن قدمن سان تقر??بن اڍائي ڪروڙ ماڻهو معاشي طو?? تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪ??ي استعمال ٿيا.؟