اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي جيو اڪنامڪ ويزن کي پرامن افغان ذريعي وچ ايشيا ۾ فروغ ملي رهيو آهي. ??اڪ??تان وچ ايشيا جي ملڪن سان معاشي رابطا قائم ڪرڻ ذريعي ترقي جا نوان هدف مقرر ڪري رهيو آهي ۽ پرامن افغانستان ذريعي علائقائي خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. وزيراعظم عمران خان جي جيو اسٽريٽجڪ کان جيو اڪنامڪ پاليسين جي ويزن جي تبديلي جي نتيجي ۾ ??اڪ??تان ترقي جي رستي تي گامزن آهي جنهن جي نتيجي ۾ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سمورن موقعن مان فائدو کنيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت ازبڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، قزغستان ۽ قزاقستان جهڙن 5 لينڊ لاڪ ملڪن سان علائقائي رابطن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري ويجه?? مستقبل ۾ وڏي معاشي تبديلي نظر ايندي جڏهن ته ترقي جو اهو سفر پرامن افغانستان سان واڳيل آهي ڇو ته خوشحالي جي ان ويزن مان حقيقي فائدو افغانستان ۾ امن امان سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم عمران خان مختلف موقعن تي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته ??اڪ??تان پنهنجي بهترين مفاد جي لاءِ افغانستان ۾ امن امان جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ملڪ آهي. ??اڪ??تان، افغانستان ۾ امن امان جو خواهشمند آهي ڇو ته ??اڪ??تان جي معاشي حڪمت عملي ان تي دارومدار ڪري ٿي. وزيراعظم تازو ئي ??اڪ??تان جو دورو ڪندڙ افغان صحافين جي وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پرامن افغانستان ??اڪ??تان جي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ اهم آهي ۽ ان سان افغانستان ??اڪ??تان ۾ گوادر جي بندرگاهه مان پڻ فائدو کڻي سگه?? ٿو. هن چيو ته 2 فيبروري 2021ع تي ??اڪ??تان، ازبڪستان ۽ افغانستان ڪابل جي رستي مزار شريف کان پشاور 573 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ جي تعمير تي پڻ اتفاق ڪيو. ان منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ازبڪستان جي لاءِ ??اڪ??تاني ۽ بحيره عرب جي بندرگاهن تائين پهچ آسان ٿيندي ۽ افغانستان به وچ ايشيائي معاشي نظام سان ڳنڍجي ويندو. نئين ڪوريڊورز جي تعمير سان علائقائي رابطن ۾ بهتري کانسواءِ 20 ملين ٽن ڪارگو جي سالياني پهچ پڻ ڪري سگهبي. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف 14 اپريل 2021ع تي هڪ ورچوئل ميٽنگ دوران ترميز، مزار شريف، ڪابل، پشاور، ريلوي لائين جي تعمير جي پڻ حمايت ڪئي هئي ۽ ان قدم سان وچ ايشيا جي ملڪن جي ??اڪ??تان جي ڪراچي، گوادر ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن ذريعي بحيره عرب تائين پهچ وڌائي سگهجي ٿي، جولاءِ ۾ پنهنجي تازي ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي عمران خان چيو ته گڏيل رابطن ۾ اضافي جي اهليت جي بنياد تي ??اڪ??تان علائقائي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جي فروغ کي بنيادي اهميت ڏ?? ٿو. هن ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ کي ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان جي لاءِ انتهائي اهم منصوبو قرار ڏنو ۽ چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ??اڪ??تان جي چ ايشيا جي وڏي ملڪ ازبڪستان سميت ٻين رياستن سان معاشي ۽ واپاري رابطن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته علائقائي رابطن ۾ اضافي سان وچ ايشيا جا ملڪ سي پيڪ منصوبي مان پڻ فائدو کڻي سگهندا ۽ ٽرانسپورٽ، فائبر آپٽڪس ڪيبل، انرجي پائيپ لائينز ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. تاشقند ۾ سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا سمٽ، موقعا ۽ مسئلا جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن کي خطاب ڪندي جولاءِ ۾ وزيراعظم عمران خان افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هن چيو ته گڏيل مفاد جي لاءِ ??اڪ??تان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ سياسي حل جو خواهشمند آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن امان سان ??اڪ??تان، ازبڪستان ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن جي رابطن کي وڌائي سگهج?? ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ افغانستان ۾ پائيدار امن امان کي علائقائي رابطن جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته ??اڪ??تان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي ۽ ان حوالي سان سموريون ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. تاشقند ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته علائقائي رابطا وڌڻ سان پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. تاشقند ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر جي جولاءِ ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن گوادر کان تاشقند ٽرين سروس جڏهن ته ڪراچي کان تاشقند ٽرڪ سروس شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته ??اڪ??تان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپار وڌائڻ چاه?? ٿو جنهن جو مقصد وڏين طاقتن کانسواءِ گڏيل واپار جو تنوع آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي افغانستان جي ترقي جو پيغام آهي ۽ ان سان ??اڪ??تان کي موقعو مليو آهي ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپاري لاڳاپن ک?? مستحڪم ڪري. ??اڪ??تان وچ ايشيا جي منڊين ۽ واپار جي موقعن مان فائدو کڻڻ چاه?? ٿو ۽ پنهنجي صنعتي ترقي جي هدفن جي لاءِ انهن رياستن ۾ دستياب توانائي جي وسيلن مان فائدو کڻڻ چاه?? ٿو. ??اڪ??تان افغانستان ۾ سياسي حل تي پڪو يقين رک?? ٿو جيڪو ترقي جي سفر جو ضامن ٿي سگه?? ٿو. عالمي معاملن جي ماهرن چيو آهي ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي رابطن سان ڪيترن ئي ملڪن کي فائدو ٿيندو. ڪابل جي رستي مزار شريف کان پشاور ريلوي لائين سان اتر ۽ ڏکڻ روس جي سفر ۾ 600 ڪلوميٽر گهٽتائي ٿيندي. اهڙي طرح سفر ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا جي ملڪن سان چين جي واپار ۾ سهولت ٿيندي ۽ شپنگ جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. 15 جولاءِ 2021ع تي ??اڪ??تان، ازبڪستان، افغانستان ۽ آمريڪا ان تي اصولي اتفاق ڪندي اعلان ڪيو هو ته علائقائي رابطن جي واڌاري لاءِ گهڻ ملڪي سفارتي پليٽ فارم قائم ڪيو ويندو جنهن سان علائقائي رابطن ۾ اضافي جي حڪمت عملي ک?? مستحڪم ڪري سگهبو. امن امان ۽ علائقائي رابطن ۾ اضافو جيو اڪنامڪ حڪمت عملي جو اهم عنصر آهي. ماهرن ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جو ملڪ ??اڪ??تان وچ ايشيائي ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن سان گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ تيزي سان ٺوس ۽ متنوع قدم کڻي رهيو آهي.