اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وز??را??ظم يوٿ انٽرپرينورشپ اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نوجو??نن کي رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجو??نن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ وز??را??ظم جي ڪامياب جوان پروگرام زبردست معاشي موقعا فراهم ڪيا آهن، نوجو??نن جو پنهنجو ڪاربار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت مان فائدو کڻڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نوجو??نن کي قرض حاص ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وز??را??ظم جي نوجو??نن جي معاملن واري خاص مددگار محمد عثمان ڊار ۽ بئنڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود شرڪت ڪئي جڏهن ته وز??را??ظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار عبدالقيوم ني??زي، گلگت بلتستان خالد خورشيد خان ۽ لاڳاپيل بئنڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خاص مددگار عثمان ڊار اجلاس کي يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت ڏنل قرضن جي باري ۾ ٻڌايو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نوجو??نن ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 26.2 ارب روپين جي منظور ٿيل قرضن مان 19.1 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوٿ انٽرپرينيورشپ اسڪيم مختلف شعبن ۾ 30000 کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون آهن، خاص مددگار مختلف بئنڪن جي پاران ڏنل رقم جا تفصيل ٻڌايا جنهن ۾ بئنڪ آف پنجاب، جي ايس بئنڪ لميٽيڊ، ني??نل بئنڪ آف پاڪستان، بئنڪ الفلاح لميٽيڊ ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ شامل آهن جنهن نوجو??نن ۾ ترتيبوار 4.8 ارب روپيا، 3.5 ارب روپيا، 2.4 ارب روپيا، 1.7 ارب روپيا ۽ 1.6 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا، آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير وز??را??ظم يوٿ انٽرپرينيور اسڪيم تحت قرض حاصل ڪرڻ ۾ نوجو??نن جي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. اجلاس ۾ نوجو??نن جي قرضن جي اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ آگاهي ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي مشورو ڏنو ويو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سهولتن جا مرڪز قائم ڪن ته جيئن نوجو??نن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن ميڊيا ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي شموليت سان نوجو??نن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر پنجن بئنڪن جي سربراهن کي چيو ته هو نوجو??نن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي لاءِ سهولت ڊيسڪ قائم ڪن، اجلاس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ قرضن جي ورڇ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهوار اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.